عمران درويش سومرو بابت نثار احمد ابڙو صاحب جا ويچار
---------------
نيٽ تي ماڻهون هڪ ٻئي کي ڏسي ته نٿو سگهي، انڪري مونکي محسوس ٿيو هو ته هي ڪو پڪي عمر وارو معزز ۽ تجربيڪار دوست آهي ۔۔۔ سندس ڳالهين ۾ پختگي ۽ سچائي ۽ لکڻ جو انداز من موهيندڙ، حيرانگي ان وقت اڀ تي پهتي جڏهن خبر پئي ته هي دوست عمر ۾ منهنجن ننڍڙن ڀائرن کان به ننڍو آهي۔
آءُ سوچ ۾ پئجي ويس ته ڇا ڪو ماڻهون پنهنجي ننڍڙي عمر ۾ به وڏو ٿي وڃي ٿو، پوءِ ڳالهه سمجهه ۾ آئي ته حڪمت ۽ ڏاهپ رب جي ڏات آهي اها ننڍڙن کي به ملي ٿي وڃي ۽ ڪيترن ماڻهن کي ته وڏي ڄمار ۾ به نه ٿي ملي ۔۔۔
عمران درويش سنڌ سلامت سميت اسانجو هڪ سچو ۽ هڏ ڏوکي دوست آهي، ساڻس منهنجي ملاقت ته ناهي ٿي پر عملن مان، لکڻ مان ۽ سوچ مان، سندس جي تصوير منهنجي ذهن ۾ من موهڻي ملوڪ جهڙي موجود آهي ۔۔۔
وڌيڪ پڙهو..